سائين جي. ايم. سيد جون ادبي خدمتون

سائين جي. ايم. سيد جون ادبي خدمتون

سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون

سائين جي. ايم. سيد جون ادبي خدمتون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان ليکڪا ساجده پروين جي ايم. فل جي ٿيسز تي مشتمل آهي، جنهن کي ڪتابي صورت ليکڪ ۽ صحافي واحد ڪانڌڙي ڏئي ڇپايو آهي. ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جي ڄمڻ کان وٺي وفات تائين سندس هر پهلوءَ تي مواد موجود آهي. ڪتاب جا چار باب آهن: باب پهريون ’سائين جي. ايم سيد جي سوانح حيات‘ بابت آهي، جنهن ۾ خاندان جي مختصر احوال سان گڏ سنڌ جي سياسي حالتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ سائين جي. ايم سيد جي سماجي زندگيءَ کان وٺي ادبي ڪردار تائين بحث ڪيو ويو آهي. باب ٽئين ۾ سائين جي. ايم سيد جي تصنيفن تي روشني وڌي وئي آهي. باب چوٿين ۾ جي. ايم سيد جي ادبي تصنيفن تي تبصرو ڪيو ويو آهي. باب پنجين ۾ جي. ايم سيد جي باري ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن شاعرن ۽ عالمن: شيخ اياز، تنوير عباسي، ڊاڪٽر درشـهـوار سيد، محمد امين کوسي، ف. م. لاشاري، نياز همايوني ۽ علي احمد بروهيءَ جا رايا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 93 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيـمـت 80 روپيا آهي. هي ڪتاب گنجو ڏونگر پبليڪيشن، حيدرآباد، جنوري 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو